بيت المقدس تي اسرائيلي والار خلاف اڄ يوم القدس جو ڏهاڙو به ملهايو پيو وڃي

khirpur-yomi-qados

بيت المقدس تي اسرائيلي والار خلاف اڄ يوم القدس جو ڏهاڙو به ملهايو پيو وڃي،ان حوالي سان مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون آهن.

ڪراچي ۾ مذهبي پارٽين پاران نمائش چورنگي کان تبت سينٽر تائين ريلي ڪڍي وئي آهي، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي آهي.

لاڙڪاڻي ۾ شيعا علماءَ ڪائونسل سميت مختلف مذهبي تنظيمن پاران يوم القدس جي حوالي سان ريليون ڪڍي اسرائيلي جارحيت خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

قمبر ۾ شيعا علماءَ ڪائونسل  جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو.

سکر، باڊهه، شاهپور چاڪر، راڻيپور ۽ ٻين شهرن ۾ به مذهبي تنظيمن پاران يوم القدس جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*