زڪوات ۽ فطرو وٺڻ تان ايم ڪيو ايم جي 8 ڪارڪنن کان گرفتار ڪيو ويو:
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي شبير قائمخاني چيو آهي ته زڪوات ۽ فطرو وٺڻ تان ايم ڪيو ايم جي 8 ڪارڪنن کان گرفتار ڪيو ويو، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ به متحده جي ڪارڪنن کي ڊيڄاريو پيو وڃي، ڪراچي ۾ جهادي تنظيمن کي فطرو وٺڻ جي اجازت ڏني وئي آهي پر متحده کي روڪيو پيو وڃي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شبير قائمخاني چيو ته ڊگهي عرصي کان ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن جاري آهي، سندن ڏوهه اهو آهي ته هــُو عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته ڪي ڪي ايف هميشه ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪئي آهي، 2005ع ۾ متحده جبل هيٺان دٻيل ماڻهن کي نه رڳو ٻاهر ڪڍيو پر 50 لک رپين جي امداد به ڪئي.
شبير قائمخاني چيو ته ٿرپارڪر ۾ ڏڪار دوران به ايم ڪيو ايم جون خدمتون ماڻهن آڏو آهن، هــُو ڪنهن امداد نه پر ماڻهن وٽان ملندڙ زڪوات ۽ فطري وارن پئسن مان ڪم ڪرائين ٿا.
هن چيو ته را جي ايجنٽ سميت سڄي دنيا جا الزام مٿن لڳايا ويا، زڪوات ۽ فطرو وٺڻ تي رينجرز گذريل رات ڪارروائي ڪري سندن 8 ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
رابطا ڪميٽي جي اڳواڻ شبير قائمخاني جو وڌيڪ چوڻ هو ته لڳي ٿو ته ماڻهن کي ايم ڪيو ايم جون خدمتون پسند نٿيون اچن، جنهن ڪري کين جبري طور تي روڪيو پيو وڃي.