پنجاب جَي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، لاهور جي بادشاهي مسجد ۾ جمعي نماز دوران تنبو ڪري پيو

lahore-barsat

پنجاب جَي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، لاهور جي بادشاهي مسجد ۾ جمعي نماز دوران تنبو ڪري پيو، جنهن دوران خوشقسمتي سان ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو.

لاهور ۽ سيالڪوٽ سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جو سلسلو جاري آهي.

بادشاهي مسجد ۾ جمعي جي نماز جاري هئي ته تنبو ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو ڪري پيا.

مقامي ماڻهن نمازين مٿان تنبو هٽائي کين ٻاهر ڪڍيو، خوشقسمتي سان ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*