اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي ختم ڪيو ويو آهي، هاڻي سوال اٿاريا ويندا ته ملڪ ۾ ڪهڙو قانون لاڳو آهي:مولانا فضل الرحمان

Molana-Fazal-ur-Rehman

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي ختم ڪيو ويو آهي، هاڻي سوال اٿاريا ويندا ته  ملڪ ۾ ڪهڙو قانون لاڳو آهي، جڏهن ته افغانستان ۾ هن وقت حالتون اهڙيون نه آهن جو افغان مهاجرن کي واپس موڪلي سگهجي، پناهگيرن سان سٺو سلوڪ نه پيو ٿئي، انهن کي به قانون جي دائري ۾ آڻڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهايئندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي ختم ڪيو ويو آهي، هاڻي سوال اٿاري ويندا ته ملڪ ۾ ڪهڙو اسلام آندو وڃي.

هن چيو ته پاڪستان ڏکئي گهڙي مان گذري رهيو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ وزير اعظم نوازشريف کي استعيفيٰ نه ڏيڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته موجوده حالتن ۾ افغان مهاجرن کي واپس موڪلڻ ممڪن نه آهي، قبائلين جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا پيا وڃن.

مولانا فضل الرحمان چيو ته عيد کانپوءِ هو حڪومت خلاف ڪنٽينر تي نه ويندو، ڇاڪاڻ جو اهو گهاٽي جو فيصلو آهي.

صحافي مولانا فضل الرحمان کان سوال ڪيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي فيصلن تي سوالن اٿاريا پيا وڃن، جنهن تي مولانا جواب ڏنو ته هنن اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي سوال اٿاريا ويندا ته ملڪ ۾ ڪهڙو قانون لاڳو ٿيل آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*