سکر ۾ چئن ٽيمن تي ٻڌل نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ شروع ،اپوزيشن ليڊر سيد خورشِيد سان بيٽنگ ۽ بالنگ ڪري افتتاح ڪيو

khurshid-shah

سکر ۾ چئن ٽيمن تي ٻڌل نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ شروع ٿي وئي آهي،جنهن جو افتتاح اپوزيشن ليڊر سيد خورشِيد سان  بيٽنگ ۽ بالنگ ڪري ڪيو.

سکر ميونسپل اسٽيڊيم ۾ جاري نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ چئن ٽيمن شرڪت ڪئي آهي.

ٽورنامنٽ ۾ شرڪت ڪندڙ ٽيمن ۾ ايڊمسٽريشن اليون، پريس ڪلب اليون، چونڊيل نمائندن تي ٻڌل ٽيم ۽نساسڪ ٽيم شامل آهي.

ٽورنامنٽ جو افتتاح اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه ڪيو، جنهن دوران هن بيٽنگ ۽ بالنگ پڻ ڪئي.

ايونٽ جي پهرين ميچ ۾ڊي سي اليون جي ٽيم کي ميئر اليون جي ٽيم شڪست ڏني.

پهرين بيٽنگ ڪندي ميئر اليون جي ٽيم 88 رنز اسڪور ڪيون ۽ ميئر اليون جي ٽيم 65رنز تي ڍير ٿي وئي.

اڄ جي ٻي ميچ ۾ پريس ڪلب جي ٽيم نساسڪ اليون جي ٽيمن وچ۾ کيڏي ويندي،جنهن جي فاتح ٽيم ميئر اليون جي ٽيم سان فائنل کيڏندي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هوته هو اڄ به جوان آهي پر کيس ڪرڪيٽ کيڏي بچپن ياد اچي ويو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سکر ۾ راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ ان حُوالي سکر ۾ اسپورٽس ڪامپليڪس جو ڪم جاري آهي، جنهن سان سکر جي رانديگرن کي فائدو ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*