بنگلاديشي فوج ۽ پوليس جي ڪمانڊوز پاران ڍاڪا جي سفارتي علائقي ۾ ريسٽورينٽ تي حملو ڪري پرڏيهين سميت شهرين کي يرغمال بڻائيندڙ دهشتگردن خلاف شروع ڪيل آپريشن جاري

bangladeshatcks2716

بنگلاديشي فوج ۽ پوليس جي ڪمانڊوز پاران ڍاڪا جي سفارتي علائقي ۾ ريسٽورينٽ تي حملو ڪري پرڏيهين سميت شهرين کي يرغمال بڻائيندڙ دهشتگردن خلاف شروع ڪيل آپريشن جاري آهي، آپريشن شروع ٿيڻ بعد علائقو ڌماڪن ۽ فائرنگ جي آوازن سان گونجي رهيو آهي، هيل تائين 12 ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته اٽلي جي شهرين سميت 5 ڄڻا مارجي چڪا آهن.

بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا ۾ دهشتگردن ريسٽورنٽ تي حملي بعد ڪيترن ئي پرڏيهي شهرين کي يرغمال بڻائي رکيو هو، حملي جي 10 ڪلاڪن بعد بنگلاديش فوج ۽ ڪمانڊوز پاران شروع ڪيل آپريشن جاري آهي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران علائقو مسلسل فائرنگ ۽ ڌماڪن جي آوازن سان گونجي رهيو آهي، هيل تائين آپريشن دوران 12 يرغمالين کي بازياب ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته هڪ امريڪي شهري وجهه وٺي نڪري آيو آهي.

دهشتگرد حملن ۾ اٽلي جي ٻن شهرين ۽ ٻن سينيئر پوليس آفيسرن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي آهن، جڏهن ته دهشتگردن پاران اڃا تائين 20 کان وڌيڪ پرڏيهين کي يرغمال بڻائي رکيو آهي.

بنگلاديشي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڍاڪا جي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ قائم 6 کان 8 هٿياربندن ريسٽورنٽ تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اسٽيشن جي انچارج صلاح الدين سميت 5 پوليس آفيسر مارجي چڪا آهن.

بنگلاديشي پوليس موجب ريسٽورينٽ جي ٻه ماڙ عمارت ۾ يرغمال بڻايل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ آرمي ۽ نيوي جا ڪمانڊوز آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب شدت پسند تنظيم داعش ڍاڪا ۾ ريسٽورينٽ تي حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*