پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پارٽي جي صوبائي ڪوآرڊينيشن ڪميٽين جو اجلاس ٿي رهيو

Bilawal-2716

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پارٽي جي صوبائي ڪوآرڊينيشن ڪميٽين جو اجلاس ٿي رهيو آهي، ذريعن موجب اجلاس ۾ سينٽرل پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي تي مشاورت ڪئي ويندي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ بلاول هائوس ڪراچي ۾ اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ چئني صوبن جا اڳواڻ شرڪت ڪندا.

ذريعن موجب اجلاس ۾ نثار کهرو، مراد علي شاهه، مولا بخش چانڊيو، جهانگير بدر، يوسف رضا گيلاني، جڏهن ته ڪي پي مان رحيم داد ۽ نور عالم پارٽي جي نمائندگي ڪندا.

بلوچستان مان صابر بلوچ، سربلند خان، علي مدد جتڪ ۽ فتح محمد حسني اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا.

اجلاس ۾ پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي بابت اهم فيصلن جا امڪان آهن…………..

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*