پنجاب، خيبر پختونخواه، فاٽا، گلگت بلتستان سميت ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ اڄ کان برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو

Isb-Weather-2716

پنجاب، خيبر پختونخواه، فاٽا، گلگت بلتستان سميت ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ اڄ کان برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو، جيڪو ٽن ڏينهن تائين جاري رهندو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گليشيئر پگهرڻ ۽ برساتن جي صورت ۾ پنجاب ۽ ڪي پي جي ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ اڄ کان برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيندو، جيڪو سومر تائين جاري رهندو.

موسميات کاتي موجب اسلام آباد، پنجاب جي راولپنڊي، گوجرانوال، لاهور، سرگوڌا، فيصل آباد ڊويزن، خيبر پختونخواه جي مالاڪنڊ، هزاره، پشاور، مردان، ڪوهاٽ، بنون، ڊيرا اسماعيل خان ڊويزن ۾ ڪٿي طوفان ۽ ڪٿي گجگوڙ سان  برسات پوندي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪشمير جي  مظفرآباد، ميرپور ۽ پونڇ ڊويزن، فاٽا جي ڪــُرم، باجوڙ، مهمند ايجنسي، خيبر، اورڪزئي ۽ اتر توڙي ڏکڻ ايجنسي جي اڪثر هنڌن تي تيز هوائن، طوفان ۽ گجگوڙ سان برساتون پونديون.

موسميات کاتي گليشيئر پگهرڻ ۽ زوردار برساتن جي صورت ۾ وڏن شهرن ۽ پنجاب توڙي خيبر پختونخواه جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ به اچي سگهي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*