سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سرڪاري ملازمن پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن

Bank-Protest-2716

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سرڪاري ملازمن پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن، بئنڪ انتظاميه جو چوڻ آهي  ته آن لائين سسٽم ۾ خرابي سبب پگهاررون جاري ڪرڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.

حڪومت  پاران عيد جي ايڊوانس پگهارون جاري ڪرڻ واري اعلان تحت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سرڪاري ملازمن کي پگهارون جاري نه ٿي سگهيون آهن.

سکر ۾ بئنڪ انتظاميه پاران پگهارون جاري نه ڪرڻ خلاف ملازمن احتجاجي ڪري بئڪ آڏو ڌرڻو هڻي انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي.

گهوٽڪي ۾ به پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف مختلف کاتن جي سرڪاري ملازمن ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو.

بئنڪ انتظاميه پاران پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف ٺٽي ۾ مختلف کاتن جي سرڪاري ملازمن بئنڪ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

لاڙڪاڻي ۾ سرڪاري ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وي آءِ پي روڊ تي ڌرڻو هڻي بئنڪ انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي.

 مٺي، سنجهورو ۽ ٻين شهرن ۾به بئنڪ انتظاميه پاران پگهارون جاري نه ڪرڻ خلاف سرڪاري ملازمن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

ملازمن جو چوڻ آهي ته سرڪار پاران اعلان باوجود بئنڪ انتظاميه سسٽم ۾ خرابي ڄاڻائي پگهارون جاري نه ڪيون آهن، جنهن ڪري هو عيد جي خريداري نه ڪري سگهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته کين جلد پگهارون جاري ڪري عيد جي خوشين کان محروم ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

نيشنل بئنڪ انتظاميه جو چوڻ آهي ته آن لائين سسٽم ۾ خرابي سبب ملازمن کي پگهارون جاري ڪرڻ ۾ دير ٿي رهي آهي، سسٽم  کي جلد بحال ڪري پگهارون جاري ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*