امريڪا ڊرون حملن دوران 116 عام شهرين جي مارجڻ جو اعتراف ڪري ورتو

Us-Drone-2716

امريڪا ڊرون حملن دوران 116 عام شهرين جي مارجڻ جو اعتراف ڪري ورتو، امريڪا پهريون ڀيرو جائزه رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته پاڪستان، صوماليه ۽ يمن ۾ ڊرون حملن دوران 116 عام شهري مارجي ويا، جن ملڪن ۾ سڌيءَ ريت امريڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شريڪ ئي نه آهي.

امريڪا، ڊرون حملن جي حوالي سان پهريون ڀيرو پنهنجي جائزه رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ انساني حقن بابت تنظيمن جي انگن اکرن کان گهٽ انگ اکر ظاهر ڪيا ويا آهن.

جائزه رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صدر براڪ اوباما جي دور ۾ پاڪستان، صوماليه ۽ يمن ۾ ڊرون حملن دوران 116 عام شهري به مارجي ويا، جڏهن ته امريڪا لاڳاپيل ملڪن ۾ سڌيءَ ريت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شريڪ نه آهي.

امريڪي جائزه رپورٽ ۾ افغانستان ۽ عراق ۾ ڊرون حملن جي حوالي سان ڪي به انگ اکر جاري نه ڪيا ويا آهن.

امريڪي جائزي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊرون حملن بابت جاري ڪيل انگ اکرن ۾ عراق ۽ افغانستان کي شامل ئي نه ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*