سڪيورٽي ادارن ٽن پوليس آفيسرز ثناءُ الله عباسي، راجا عمر خطاب ۽ رائو انوار تي حملن جو خدشو ظاهر ڪندي سرگرميون گهٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

Polive-trade-2716

سڪيورٽي ادارن ٽن پوليس آفيسرز ثناءُ الله عباسي، راجا عمر خطاب ۽ رائو انوار تي حملن جو خدشو ظاهر ڪندي سرگرميون گهٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جاري ڪيل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن پاران ٽنهي آفيسرز جي ريڪي به ڪئي وئي آهي، ڪنهن به وقت حملو ڪري سگهن ٿا.

سڪيورٽي ادارن پاران جاري ڪيل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن طرفان سنڌ پوليس جي ٽن سينيئر پوليس آفيسرن سميت اهم شخصيتن تي حملن جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.

سڪيورٽي ادارن موجب ايڊيشنل آءِ جي، سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسي، ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ انچارج سي ٽي ڊي راجا عمر خطاب تي دهشتگرد حملي جي رٿابندي جوڙي وئي آهي.

الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن طرفان ٽنهي آفيسرز جي گهرن جي ريڪي به ڪئي وئي آهي، جيڪي ڪنهن به وقت حملو ڪري سگهن ٿا.

سڪيورٽي ادارن پاران ٽنهي آفيسرز کي پنهنجون سرگرميون گهٽائڻ ۽ محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*