مدئجي ۾ معذورن پاران عشر زڪوات ۾ نظرانداز ڪرڻ تي ضلعي عشر زڪوات چيئرمين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

Protest-Mazor-2716

مدئجي ۾ معذورن پاران عشر زڪوات ۾ نظرانداز ڪرڻ تي ضلعي عشر زڪوات چيئرمين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

معذورن واحد بخش، مزمل، مدثر پرويز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

 مظاهرين چيو ته سنڌ حڪومت معذورن لاءِ زڪوات جو ادارو کوليو آهي پر ضلعي چيئرمين معذورن بدران با اثرن جي سفارشي ماڻهن کي رقم ڏئي رهيو آهي.

هنن چيو ته عشر زڪوات جو ضلعي چيئرمين احتجاج ڪرڻ تي ڏمرجي پيو آهي ۽ معزورن کي ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ضلعي چيئرمين خلاف ڪارروائي ڪري کين عشر زڪوات مان حصو ڏنو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*