ڪراچي ڪورنگي جي مرتضيٰ چورنگي واري علائقي ۾ نجي ڪمپني جي ملازمن ٻن مهينن جون پگهارون ۽ بونس نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو

Murtaza-Chorangi-2716

ڪراچي ڪورنگي جي مرتضيٰ چورنگي واري علائقي ۾ نجي ڪمپني جي ملازمن ٻن مهينن جون پگهارون ۽ بونس نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو، جنهن دوران پوليس جي شيلنگ ۽ لٺبازي جي نتيجي ۾ 3 ملازم زخمي ٿي پيا.

نجي ڪمپني جي ملازمن پگهارون ۽ بونس نه ملڻ خلاف ڪمپني جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

علائقي جي پوليس احتجاج ڪندڙ ملازمن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ملازم زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

     ملازمن جي احتجاج بعد ڪمپني جي انتظاميا ۽ ملازمن وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*