پنجاب جي علائقي حافظ آباد جي هڪ گهر اندر داخل ٿيل نانگ کي ريسڪيو عملي اڌ ڪلاڪ جي ڪوششن بعد پڪڙي ورتو

Hafizabad-2716

پنجاب جي علائقي حافظ آباد جي هڪ گهر اندر داخل ٿيل نانگ کي ريسڪيو عملي اڌ ڪلاڪ جي ڪوششن بعد پڪڙي ورتو آهي.

حافظ آباد جي پاڙي ڦول ٽائون ۾ ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو جي انچارج امتياز علي جي گهر ۾ نانگ داخل ٿيڻ کانپوءِ فوري طور تي ريسڪيو عملي کي اطلاع ڏنو ويو.

ريسڪيو عملي  اڌ ڪلاڪ جي ڪوشش بعد 6 فوٽ 2 انچ ڊگهي نانگ کي پڪڙي چڙيا گهر حوالي ڪري ڇڏيو.

نانگ جي گهر ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ سمورا گهر ڀاتي اڌ ڪلاڪ تائين ڇت تي ويٺل رهيا.

ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو جي انچارج امتياز علي جو چوڻ آهي ته 6 فوٽ نانگ سندن گهر اندر داخل ٿيو ۽ کين خوف ورائي ورتو، ريسڪيو عملي جي مدد سان نانگ کي پڪڙي چڙيا گهر انتظاميه حوالي ڪيو ويو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*