مٺي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق عورتن ۽ سندن وارثن اي ٽي ايم مشينون بند هئڻ ۽ اومني سينٽر پاران غيرقانوني طور ڪٽوتي ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

Mithi-Protest-Ic-2716

مٺي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق عورتن ۽ سندن وارثن اي ٽي ايم مشينون بند هئڻ ۽ اومني سينٽر پاران غيرقانوني طور ڪٽوتي ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪندڙ گوردن، ڀورو، مسمات سمجي، مسمات حسنات، مسمات گلان ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عيد ويجهو هئڻ باوجود اي ٽي ايم مشينون بند هئڻ سبب مستحق عورتون وظيفي کان محروم آهن.

هنن الزام هڻندي چيو ته اومني سينٽر وارا وظيفي جا پئسا ڏيڻ تي غير قانوني طور 2 سو کان 5 سو روپيا ڪٽوتي ڪري رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته اي ٽي ايم مشينون درست ڪري مستحقن کي وظيفو فراهم ڪيو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*