پينشن ۽ پگهارن لاءِ سڀاڻي ملازمن جي رش رهي ته بئنڪون دير تائين کولڻ جو فيصلو ڪيو:اسٽيٽ بئنڪ

karachi-bank

اسٽيٽ بئنڪ اعلان ڪيو آهي ته پينشن ۽ پگهارن لاءِ سڀاڻي ملازمن جي رش رهي ته بئنڪون دير تائين کولڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، نيشنل بئنڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪالهه سمورن پينشنرز کي پينشن جي ادائگي ڪئي وئي هئي.

اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪالهه ڪجهه برانچون دير تائين کليل رهيون پر پينشنر ۽ ملازم پگهارن لاءِ نه آيا ۽ جيڪڏهن پينشن ۽ پگهارن لاءِ سڀاڻي ملازمن جي رش رهي ته بئنڪون دير تائين کولڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته بئنڪون صارفين کي عيد جي موڪلن دوران اي ٽي ايم ذريعي ڪيش جي فراهمي يقيني بڻائن ۽ سموري ملڪ ۾ اي ٽي ايم کي مانيٽر ڪيو ويندو، جنهن لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن.

نيشنل بئنڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪالهه سمورن پينشنرز کي پينشن جي ادائگي ڪئي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*