وزيراعظم نواز شريف، چترال ۾ ٻوڏ تباهي ۽ 30 قيمتي انساني جانين جي ضيان تي افسوس جو اظهار

nawaz

وزيراعظم نواز شريف، چترال ۾ ٻوڏ تباهي ۽ 30 قيمتي انساني جانين جي ضيان تي افسوس جو اظهار ڪندي لڙهي ويل ماڻهن ۽ ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم نواز شريف چترال جي ارسون واري علائقي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهيءَ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

وزيراعظم ٻوڏ ۾ لڙهي فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن سان تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪندي اين ڊي ايم اَي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ترجمان وزيراعظم هائوس موجب ميان نواز شريف اين ڊي ايم اَي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي ٻوڏ صورتحال بابت مسلسل آگاهه ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*