ڪراچي سميت مختلف شهرن مان اسپيشل عيد ٽرينون منزل طرف روانيون ٿي ويون

eid-tran

ڪراچي سميت مختلف شهرن مان اسپيشل عيد ٽرينون منزل طرف روانيون ٿي ويون آهي، جڏهن ته ٽرانپسپورٽرن ڀاڙن ۾ 50 کان 65 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب اباڻن علائقن ڏانهن عيد ملهائڻ لاءِ ويندڙ ماڻهو تمام گهڻو پريشان آهن.

ريلوي اختيارين 3 جولاءِ کان عيد جي رات تائين مختلف شهرن مان اسپيشل عيد ٽرينون هلائڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تحت ڪراچي مان 800 مسافرن ۽ ڪوئيٽا مان 750 مسافرن کي کڻي 2 اسپيشل ٽرينون راولپنڊي روانيون ٿي ويون آهن.

ڪراچي ڪينٽ اسٽيشنز تي مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ مسافرن شڪايتون ڪندي چيو آهي ته ريلوي ٽڪيٽون بليڪ تي وڪرو ٿي رهيون آهن.

ڪراچي مان ٻئي اسپيشل ٽرين اڄ رات اٺين وڳي فيصل آباد لاءِ رواني ٿيندي.

ٽرانپسپورٽرن به ڀاڙن ۾ 50 کان 65 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب اباڻن علائقن ڏانهن عيد ملهائڻ لاءِ ويندڙ ماڻهو تمام گهڻو پريشان آهن.

  ڪراچي کان شڪار جو ڀاڙو 700رپين بدران 1400کان 1800 رپيا ، موري جو ڀاڙو 500بدران هڪ هزار رپيا ڪيو ويو آهي، جنهن  اباڻن علائقن ۾ عيد ملهائڻ لاءِ ويندڙ مسافر تمام گهڻو پريشان آهن.

   ڪراچي کان لاڙڪاڻي، سکر، گهوٽڪي ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ گاڏين جي ڀاڙن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*