آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه پوليس کي عيد جي موقعي تي ڪنٽيجنسي پلان ترتيب ڏئي ان تي عملدر آمد لاءِ سمورا اپاءُ وٺڻ جون هدايتون

IG-Khuwaja-6616

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه پوليس کي عيد جي موقعي تي ڪنٽيجنسي پلان ترتيب ڏئي ان تي عملدر آمد لاءِ سمورا اپاءُ وٺڻ جون هدايتون ڪيون آهن، آءِ جي سنڌ پوليس کي هدايتون ڏنيون آهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيليجنس ايجنسين سان رابطن تحت سمورين مسجدن، امام بارگاهن، عيد گاهن ۽ کليل هنڌن تي ٿيندڙ عيد جي اجتمائن لاءِ فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي.

سنڌ پوليس جي ترجمان موجب آءِ جي سنڌ عيد جي موقعي تي سمورن عوامي هنڌن، شاپنگ سينٽرز، عيد بچت بازارن، ريلوي اسٽيشنز۽ ٻين ٽرمينلز تي غير معمولي سيڪيورٽي جا اپاءُ وٺڻ جون هدايون ڪيون آهن.

پوليس ترجمان موجب آءِ جي سنڌ اهي به هدايتون ڏنيون آهن ته امن امان جي صورتحال ۽ ان حوالي سان سيڪيورٽي جي حڪمت عملي کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي پلان جوڙيو وڃي ۽ ان تي عمل لاءِ اثرائتا اپاءُ ورتا وڃن.

آءِ جي سنڌ پوليس کي هدايتون ڏنيون آهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيليجنس ايجنسين سان رابطن تحت سمورين مسجدن، امام بارگاهن، عيد گاهن ۽ کليل هنڌن تي ٿيندڙ عيد جي اجتمائن لاءِ فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي.

آءِ جي سنڌ اقليتن جي عبادتگاهن جي به فول پروف سيڪيورٽي جا حڪم جاري ڪيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*