بلوچستان جي سوين آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف گڻنگ ريگيوليٽر وٽ ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو

protest

بلوچستان جي سوين آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف گڻنگ ريگيوليٽر وٽ ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، آبادگارن جو چوڻ آهي ته ارسا پاران معاهدو ڪرڻ باجود کير ٿر ڪينال مان کين 22 سئو بدران صرف 14 سئو ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي، جنهن ڪري سندن فصل تباهه ٿي ويو آهي.

بلوچستان سوين آبادگارن علي بخش جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ، بلوچستان جو پاڻي ورهاست ڪرڻ واري هنڌ گڻنگ ريگيوليٽر وٽ ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

اڳواڻن چيو ته ارسا جي معاهدي باوجود کير ٿرڪينال مان بلوچستان جي آبادگارن کي 2200 بدران صرف 14 سئو ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي.

هنن چيو ته معاهدي تحت بلوچستان جي آبادگارن کي پاڻي جي درست ورڇ نٿي ڏني وڃي، جنهن ڪري فصل جي پوکائي نه ٿيڻ ڪري کين لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

هنن چيو ته کير ٿر ڪينال مان گڻنگ ريگيوليٽر وٽ صرف 14 سئو ڪيوسڪ پاڻي بلوچستان جي آبادگارن کي ملي رهيو آهي، جنهن سبب اوستا محمد، ڊيرا مراد جمالي ۽ ٻين علائقن ۾ فصل  جي پوکائي سخت متاثر ٿي آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ارسا پاران ڪيل معاهدي تحت بلوچستان جي آبادگارن کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*