عيد جون تياريون عروج تي پهتل آهن، پنهنجن کان پري رهندڙ ماڻهو گهرڀاتين سميت اباڻن پڊن ڏانهن وڃڻ شروع ٿي ويا

eid-shoping

عيد الفطر ۾ باقي ٿورا ڏينهن بچيا آهن، عيد جون تياريون عروج تي پهتل آهن، پنهنجن کان پري رهندڙ ماڻهو گهرڀاتين سميت اباڻن پڊن ڏانهن وڃڻ شروع ٿي ويا آهن.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، نوابشاهه، ميرپور خاص، لاهور، اسلام آباد، فيصل آباد، ملتان پشاور، ڪوئيٽا ۽ ملڪ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد جي خريداري تي عروج تي پهتل آهي، جنهن ڪري رات دير تائين بازارن ۾ خريدارن جي رش نظر اچي ٿي.

ڪپڙن، جوتن، ڪاسميٽڪس، ميڪ اپ ۽ چوڙين کان ويندي گهر جي سجاوٽ ۽ مهمان نوازي لاءِ به شين جي خريداري ڪئي پئي وڃي.

روزي سبب گهرن کان نه نڪرندڙ ماڻهو افطار کانپوءِ ٻارن ٻچن سميت خريداري لاءِ نڪرن ٿا، جنهن ڪري اڪثر شهرن ۾ رات جو دير تائين بازارون گراهڪن سان سٿيل نظر اچن ٿيون.

پنهنجن سان عيد ملهائڻ لاءِ اباڻن ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن ماڻهن جي روانگي جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ٽرينن، بسن ۽ وينن ۾ رش وڌي وئي آهي، ٽرانسپورٽرز به موقعي جو فائدو وٺڻ لاءِ ڀاڙا وڌائي ڇڏيا آهن.

عيد ملهائڻ جي تيارين ۾ رڌل ماڻهن کي بئنڪس جي آن لائين نظام ۾ خرابي ۽ اي ٽي ايمز ۾ مسئلن سبب ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*