هريپور ويجهو تربيلا ڊيم جي چوٿين توسيعي منصوبي جي تعميراتي ڪم دوران شٽرنگ ڪِرڻ سبب 6 چيني انجنيئرز سميت 8 ڄڻا فوت ٿي ويا

tarbila-chanees-died

هريپور ويجهو تربيلا ڊيم جي چوٿين توسيعي منصوبي جي تعميراتي ڪم دوران شٽرنگ ڪِرڻ سبب 6 چيني انجنيئرز سميت 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، وزيراعظم نواز شريف چيني انجنيئرز جا مڙهه سندن وطن اماڻڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪندي سندن وارثن سان تعزيت ڪئي آهي.

گذريل رات تربيلا ڊيم جي چوٿين توسيعي منصوبي جي تعميراتي ڪم دوران اوچتو شٽرنگ ڪرڻ سبب دٻجي ويل وڌيڪ ٽن چيني انجنيئر سميت چئن ڄڻن جا لاش ٻاهر ڪڍيا ويا.

واقعي ۾ 6 چيني انجنيئرز سميت فوت ٿي ويل پورهيتن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 8 زخمي پورهيتن کي اسپتال داخل ڪيو ويو.

زخمي پورهيتن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته واقعي کانپوءِ تربيلا ڊيم جي توسيعي منصوبي جو ڪم عارضي طور روڪيو ويو.

وزيراعظم نواز شريف واقعي ۾ چيني انجنيئرز جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي سندن وارثن سان تعزيت ڪئي آهي.

وزيراعظم نواز شريف چيني انجنيئرز جا مڙهه پنهنجي وطن موڪلڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وزيراعظم چيو آهي ته پاڪستان جي بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ چيني انجنيئرز جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، جيڪا مختلف شعبن ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*