خيبر پختونخواه ۾ برساتن کانپوءِ چترال واري علائقي ۾ آيل ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي،ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ لڙهي وڃڻ ڪري فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 41 ٿي ويو

chitral-flood

خيبر پختونخواه ۾ برساتن کانپوءِ چترال واري علائقي ۾ آيل ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته ارسون واري علائقي ۾ مسجد ۽ گهر ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ لڙهي وڃڻ ڪري فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 41 ٿي ويو آهي، ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي ويل ماڻهن جي ڳولا لاءِ پاڪ فوج جون امدادي ڪارروايون پڻ جاري آهن، وزيراعظم ٻوڏ تباهيءَ تي افسوس جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ادارن کي امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

پي ڊي ايم اي موجب گذريل رات ارسون واري علائقي ۾ ٻوڏ سبب هڪ مسجد ۽ 37 گهر لڙهي وڃڻ ڪري 10 نمازين، عورتن ۽ ٻارڙن سميت فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 41 ٿي ويو آهي.

پي ڊي ايم اي موجب ٻوڏ سبب هڪ چيڪ پوسٽ ۽ 45 کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پهتو، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين گم آهن.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جون امدادي ٽيمون متاثر علائقن ۾ ڪارروايون ڪري رهيون آهن، جتان چئن زخمين کي هيليڪاپٽر ذريعي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ضلعي انتظاميا موجب روڊ رستا بند ٿي وڃڻ ۽ برسات سبب امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، 18 ماڻهن جا لاش ٻاهر ڪڍيا ويا آهن، باقي جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

خيبر پختونخواه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ متاثر علائقن ۾ پي ڊي ايم اي کي امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن لاءِ 3-3 لک رپيا معاوضي جو اعلان ڪيو آهي.

وزيراعظم نواز شريف به چترال ۾ ٻوڏ تباهين تي افسوس جو اظهار ڪندي اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي آهي ته متاثر علائقن ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ لڙهي ويل ۽ ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن ۽ مسلسل آگاهه ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*