قوم عيد کانپوءِ احتجاج ۽ ڌرڻن جون ڳالهيون ڪندڙن جو تختو اونڌو ڪري کين ناڪام بڻائي ڇڏيندي: شهباز شريف

shahbaz-sharif

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته قوم عيد کانپوءِ احتجاج ۽ ڌرڻن جون ڳالهيون ڪندڙن جو تختو اونڌو ڪري کين ناڪام بڻائي ڇڏيندي، وزيراعظم جي استعيفا جو مطالبو ڪندڙ ياد رکي ته ڪرپشن جو هڪ به ڪيس کليو ته پوءِ کيس والد جيان لنڊن ۾ وڃي رهڻو پوندو.

رائيونڊ ۾ تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتال جي افتتاحي تقريبن کي خطاب ڪندي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته پاڪستان جا اربين رپيا لٽي پرڏيهه منتقل ڪيا ويا، جن جا اڄ به سوئس بئنڪن ۾ پئسا پيل آهن.

هن چيو ته ملڪ کي لٽيندڙ ۽ ڦريندڙ اڄ وزيراعظم نواز شريف جي احتساب جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري جو نالو کڻڻ کانسواءِ شهباز شريف چيو ته وزيراعظم جي استعيفا جو مطالبو ڪندڙ ياد رکي ته ڪرپشن جو هڪ به ڪيس کليو ته پوءِ کيس والد جيان لنڊن ۾ وڃي رهڻو پوندو.

هن چيو ته عمران خان تنقيد ڀلي ڪري پر ڪوڙ جي سياست کان پاسو ڪري، مريم نواز جي حوالي سان به غلط بياني ڪئي وئي.

شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي ترقي ڪرڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، قوم عيد کانپوءِ احتجاج ۽ ڌرڻن جون ڳالهيون ڪندڙن جو تختو اونڌو ڪري کين ناڪام بڻائي ڇڏيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*