ڪمشنر لاڙڪاڻو اڪبر لغاري 4 مهينن جي موڪل تي روانو ٿي ويو

akabar-keghari

ڪمشنر لاڙڪاڻو اڪبر لغاري 4 مهينن جي موڪل تي روانو ٿي ويو آهي، جڏهن ته سنڌ سرڪار ڪمشنر لاڙڪاڻي جي چارج ڪمشنر سکر حوالي ڪئي آهي.

ڪمشنر لاڙڪاڻي اڪبر لغاري سوشل ميڊيا تي ڇڏيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هو 4 مهينن جي موڪل تي وڃي رهيو آهي ۽ هو پنهنجي عهدي جي چارج ڇڏي چڪو آهي.

ڪمشنر لاڙڪاڻي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ سوا سال مقرري دوران اديبن، شاعرن، فنڪارن، وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ آفيسرن پاران ڪيل سهڪار تي هو سندن ٿورائتو آهي.

ڪمشنر لاڙڪاڻي جي موڪل تي روانو ٿيڻ کانپوءِ ڪمشنر جي چارج ڪمشنر سکر حوالي ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*