ڪويت ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ سڙي فوت ٿيل 9 پاڪستانين مان 3 ڄڻن جا مڙهه اباڻي علائقي ميان چنون ۾ مٽي ماءُ حوالي

mian-mathon-

 ڪويت ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ سڙي فوت ٿيل 9 پاڪستانين مان 3 ڄڻن جا مڙهه اباڻي علائقي ميان چنون ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ، جڏهن ته 6 ڄڻن کي ڪويت ۾ ئي دفنايو ويو آهي.

ڪويت ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ گهر اندر باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ميان چنو واسي هڪ ئي ڪٽنب جا 9 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.

پرڏيهي وزارت موجب، سڙي فوت ٿيل 9 پاڪستانين مان 3 ڄڻن ريحانه، نسرين ۽ 8 ورهين جي مهد جا لاش علامه اقبال انٽر نيشنل ايئرپورٽ پهچايا ويا، جتان ايمبولينس ذريعي اباڻن علائقي ميان چنون منتقل ڪيا ويا.

ڪويت مان ڏيهه آندل ٽنهي ڄڻن جا مڙهه اباڻي علائقي ميان چنون ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن سيمت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن ڪويت جي هڪ فليٽ ۾ پاڪستاني ڪٽنب جا 9 ماڻهو باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿيا هئا، جن مان 6 ڄڻن جا لاش ڪويت ۾ ئي دفنايا ويا هئا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*