ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ پيشي تي آندل چوري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار بيهوش ٿي ويو،پوليس اهلڪار جوتو سونگهائيندا رهيا

karachi-police-shows

ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ پيشي تي آندل چوري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار بيهوش ٿي ويو، جنهن کي پوليس اهلڪار ڪجهه قدمن تي موجود ڪلينڪ کڻي وڃڻ بدران مرگهيءَ وارو منطق استعمال ڪندي جوتو سونگهائيندا رهيا.

نيو ٽائون ٿاڻي جي پوليس ڌاڙي ۽ موٽر سائيڪل چوري ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدار کي ٻڌڻيءَ لاءِ سٽي ڪورٽ پهچايو، جتي هــُو بيهوش ٿي ويو.

سٽي ڪورٽ ۾ ئي ڪلينڪ موجود هئي پر اهلڪارن جوابدار کي کڻي وڃڻ جي زحمت نه ڪئي.

اهلڪارن جوابدار کي هوش ۾ آڻڻ لاءِ مرگهيءَ وارو فارمولو استعمال ڪيو ۽ ڪيتري ئي دير تائين کيس جوتو سونگهائيندا رهيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*