نوابشاهه ڊسٽرڪٽ جيل مان عيد جي موقعي تي گداگري ۽ منشيات جي ڪيسن ۾ سزا ڀوڳيندڙ 10 جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو

nawabshah map

نوابشاهه ڊسٽرڪٽ جيل مان عيد جي موقعي تي گداگري ۽ منشيات جي ڪيسن ۾ سزا ڀوڳيندڙ 10 جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو، جيل سپرنٽينڊنٽ موجب قيدي معمولي نوعيت جي ڪيسن ۾ سزا ڀوڳي رهيا هئا، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي حڪم تي کين آزاد ڪيو ويو.

عيدالفطر جي موقعي تي ڊسٽرڪٽ جيل مان منشيات ڪيسن ۾ چار قيدين ۽ گدا ايڪٽ تحت سزا ڀوڳيندڙ 6 قيدين کي آزاد ڪيو ويو آهي.

جيل سپرنٽينڊنٽ علي اڪبر شاهه موجب آزاد ڪيل سمورا قيدي معمولي نوعيت جي ڪيسن ۾ سزا ڀوڳي رهيا هئا، جن کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شهيد بينظيرآباد جي حڪم تي آزاد ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*