خانپور مهر ويجهو مختلف ٿاڻن جي پوليس سرچ آپريشن ڪري وڌيڪ 10 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

khanpur-police-arricited

خانپور مهر ويجهو مختلف ٿاڻن جي پوليس سرچ آپريشن ڪري وڌيڪ 10 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

گهوٽڪي ضلع جي مختلف ٿاڻن جي پوليس هڪ هفتي کان هلندڙ آپريشن ۾ سهانجڙو ۽ پير بري وارن علائقن  ۾ سرچ آپريشن ڪري وڌيڪ 10 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.

پوليس موجب ڌاڙيل جمعو بوزدار جي گهر  سميت بلوو بوزدار، الهڏنو ۽ منٺار سميت 5 جوابدارن جي گهرن کي باهيون ڏنيون ويون.

پوليس موجب هڪ هفتي دوران آپريشن ۾ 40 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو،  جن مان 18 ضمانت ڪرائي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*