اسلام آباد جي پارليامينٽ لاجز ۾ چور حڪمران جماعت نون ليگ ايم اين اي طلال چوڌري جي گهر مان لکين رپين جو سامان ٻهاري ويا

talal-chudhry

اسلام آباد جي پارليامينٽ لاجز ۾ چور حڪمران جماعت نون ليگ ايم اين اي طلال چوڌري جي گهر مان لکين رپين جو سامان ٻهاري ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته طلال چوڌري 2 ڏينهن اڳ عيد ملهائڻ لاءِ فيملي سوڌو فيصل آباد ويو هو.

جتي پـــکي پر نه هڻي سگهي اُتي چونڊيل نمائندي جي فليٽ مان لکين رپين جو ڌاڙو لڳي ته يقينن سڪيورٽي ادارن جون ڊڪون لڳي وينديون آهن.

چور پارليامينٽ لاجز ۾ واقع نون ليگ ايم اين اي طلال چوڌري جي فليٽ ۾ داخل ٿي، سونا زيور، گهڙيون ۽ 3 هزار ڊالر ٻهاري ويا.

واقعي کانپوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهيو، سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪيا ويا آهن.

چيو پيو وڃي ته جنهن علائقي مان طلال چوڌري جي فليٽ مان چوري ٿي آهي، اتي صحافين سميت عام ماڻهو کي اندر وڃڻ جي اجازت نه هوندي آهي.

پوليس موجب، چور ڪو ٻاهران نه پر پارليامينٽ جي عملي مان ڪو هڪ ٿي سگهي ٿو، ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.

ٻئي پاسي طلال چوڌري جو چوڻ آهي ته هو فئملي سان گڏ اباڻي علائقي فيصل آباد ۾ عيد ملهائڻ لاءِ ويل هو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*