سنڌ سرڪار رينجرز جي خاص اختيارن واري مدي ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو

rengras09-9

سنڌ سرڪار رينجرز جي خاص اختيارن واري مدي ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، گهرو کاتي رينجرز اختيارن ۾ واڌ واري سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي.

سنڌ سرڪار رينجرز جي خاص اختيارن واري مدي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جو فيصلو ڪيو آهي.

گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته رينجرز کي دهشتگردي ايڪٽ 1997ع تحت اختيار ڏنا ويا آهن، جن ۾ واڌ آئين جي آرٽيڪل 147 تحت ڪئي پئي وڃي.

واضح رهي ته سنڌ سرڪار طرفان رينجرزکي ڏنل خاص اختيارن وارو مدو 19 جولاءِ 2016ع تي ختم ٿي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*