تحريڪ انصاف، نون ليگ ايم اين اي طلال چوڌري جي فليٽ مان چوري واري معاملي تي رد عمل ظاهر

pti-naim-ul-haq24-8

تحريڪ انصاف، نون ليگ ايم اين اي طلال چوڌري جي فليٽ مان چوري واري معاملي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته حڪومت اشتهارن ۾ پاڪستان کي جنت بڻائڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي ۽ حقيقت ن ليگ جو اڱڻ چورن جي رحم تي ڇڏيل آهي.

تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته نون ليگ سرڪار ڇوٽو گينگ جي ڏوهارين کي راجنپور جي ڪچي مان ڪڍي پارليامينٽ لاجز پهچايو آهي.

هن چيو ته نواز ليگ سرڪار هڪ پاسي امن امان جون دعوائون ڪري رهي آهي ته وري ٻئي پاسي پارليامينٽرين جي گهرن ۾ چوري ڪاهي پون ٿا.

نعيم الحق چيو ته تحريڪ انصاف طلال چوڌري جي فليٽ مان چوري واري واقعي جي مذمت ڪري ٿي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*