لاهور هاءِ ڪورٽ موت جي سزا ٻڌايل ٻن قيدين جي بريت خلاف وفاقي حڪومت جي درخواست رد ڪري ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ موت جي سزا ٻڌايل ٻن قيدين جي بريت خلاف وفاقي حڪومت جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

جسٽس قاضي امين ۽ جسٽس عبيد الرحمان لوڌي تي ٻڌل لاهور هاءِ ڪورٽ جي بينچ ڪامره ايئربيس ۽ جي ايڇ ڪيو تي حملي جي جوابدارن جي بريت خلاف وفاق جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

وفاقي حڪومت موقف اختيار ڪيو ته ٻئي جوابدار ڪامره ايئربيس ۽ حمزه ڪيمپ حملي ۾ ملوث آهن، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن کي بري ڪيو آهي، عدالت کي استدعا آهي ته بريت وارو فيصلو معطل ڪيو وڃي.

 جوابدارن جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته سندن مئوڪلز خلاف ڪي به شاهديون عدالت ۾ پيش ناهن ڪيون ويون، اي ٽي سي به ثبوت نه هئڻ جي بنيادن تي بري قرار ڏنو هو.

عدالت، وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ  ڪامره ايبرئيس حملي جي فيض عرب ۽ جي ايڇ ڪيو حملي جي شفيق الرحمان جي بريت خلاف وفاق جي درخواست رد ڪندي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو برقرار رکي ڇڏيو.

واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ٻنهي جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو هو، جنهن خلاف وفاق لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*