پنج جولاءِ 1977ع تي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌ ڪرڻ واري واقعي خلاف سڀاڻي پ پ پاران ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو

Asif Zardari Case

5 جولاءِ 1977ع تي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌ ڪرڻ واري واقعي خلاف سڀاڻي پ پ پاران ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو، اڳوڻي صدر آصف زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته 5 جولاءِ تي آئين کي مٽائي چونڊيل حڪومت تي راتاهو هنيو ويو، 5 جولاءِ وارو ڏهاڙو قومي ڪلينڊر ۾ ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو.

آمر ضياءَ 1977ع دوران 5 جولاءِ تي  جمهوري حڪومت جو تختو اونڌ ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو هو.

پيپلزپارٽي هر سال جيان سڀاڻي به 5 جولاءِ تي ڪارو ڏينهن  ملهائڻ جو  اعلان ڪيو آهي.

پيپلزپارٽي جي آفيسن تي ڪارا جهنڊا ڦڙڪايا ويندا ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پيپلزپارٽي طرفان تقريبون منعقد ڪري آمر ضيا جي غير آئيني قدم جي سخت مذمت ڪئي ويندي.

اڳوڻي صدر ۽ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو ته 5 جولاءِ تي ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو، ان ڏينهن کي قومي ڪلينڊر ۾ ڪاري ڏهاڙي طور يار رکيو ويندو.

آصف زرداري چيو ته 5 جولاءِ تي اقتدار تي غير آئيني طريقي سان اقتدار تي قبضو ڪري آئين کي تبديل ڪيو ويو، ان ڏينهن رياستي ادارن جي تباهي شروع ٿي.

اڳوڻي صدر چيو ته هو جمهوريت جي بقا لاءِ قربانيون ڏيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا، عوام جي حقن ۽ عدليه تي حملو ڪندڙن کي سزا ملڻ گهرجي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*