لاڙڪاڻي ويجهو تيز رفتار گاڏي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد سميت 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا

لاڙڪاڻي ويجهو ايس ايس پي جيڪب آباد جي گاڏي تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ايس ايس ملڪ ظفر قبال سميت 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، ڊي سي ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو چانڊڪا اسپتال پهچي ويا.

لاڙڪاڻي ڀرسان ايس ايس پي جيڪب ملڪ ظفر اقبال جي گاڏي تيز رفتاري سبب ڪلٽي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايس پي سيمت 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا.

ڊي سي جاويد جاگيراڻي ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سائين رکيو ميراڻي چانڊڪا اسپتال پهچي کين خيريت دريافت ڪئي.

اسپتال ذريعن موجب، ايس ايس پي سيمت 4 اهلڪارن کي معمولي ڌڪ لڳا آهن، کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*