سعودي عرب ۽ نار جي ملڪن سميت اڪثر اسلامي ملڪن ۾ عيدالفطر سڀاڻي ٿيندي

Eid-al-Fitr-2016-moon-sight

سعودي عرب ۽ نار جي ملڪن سميت اڪثر اسلامي ملڪن ۾ عيدالفطر سڀاڻي ٿيندي، جرمني ۽ ترڪي سميت ڪجهه يورپي ملڪن ۾ عيد ملهائي پئي وڃي، پاڪستان ۾ بوهري برادري به عيد ملهائي رهي آهي.

سعودي عرب، عراق، شام، مصر ۽ گڏيل عرب امارات سميت نار جي اڪثر ملڪن ۾ شوال جو چنڊ نظر نه اچڻ تي اڄ 30هون روزو آهي، جنهن ڪري عيدالفطر سڀاڻي ملهائي ويندي.

يورپ ۾ هن سال به 2 عيدون ٿيون آهن، ترڪي ۽ جرمني سميت ڪجهه ملڪن ۾ اڄ عيد ملهائي پئي وڃي، جڏهن ته برطانيا، امريڪا، جاپان ۽ انڊونيشيا ۾ سڀاڻي عيد الفطر ملهائي ويندي.

ترڪي ۾ عيد نماز جو سڀ کان وڏو اجتماع استنبول ۾ ٿيو، جتي سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا.

پاڪستان ۾ پڻ بوهري برادري اڄ عيد ملهائي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*