بالي ووڊ “دبنگ” سلمان خان ۽ انوشڪا شرما جي نئين فلم “سلطان” اربع تي رليز ٿي رهي آهي

sultan-

بالي ووڊ “دبنگ” سلمان خان ۽ انوشڪا شرما جي نئين فلم “سلطان” اربع تي رليز ٿي رهي آهي، اميد ڏيکاري پئي وڃي ته فلم پهرئين ڏينهن ڪاروبار جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي وٺندي… “پريم رتن ڌن پايو” 40 ڪروڙ 35 لک جي ڪاروبار سان سلو ڀائي جي پهرئين ڏينهن سڀ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪندڙ فلم آهي، پر ڪنگ شاهه رخ خان جي “هيپي نيو ايئر” 44 ڏهائي 9 ست ڪروڙ سان پهرئين ڏينهن بالي ووڊ جي سڀ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪندڙ فلم آهي. “سلطان” ڀارت جي 4 هزار 2 سئو سينيما گهرن ۾ رليز ٿي رهي آهي، انکانسواءِ پاڪستان، گڏيل عرب امارتن ۽ ٻين ملڪن جي 12 سئو ٿيٽرز ۾ به سلطان جي نمائش شروع ٿي رهي آهي. باڪس آفيس جي پنڊتن اڳڪٿي ڪئي آهي ته “سلطان” پهرئين ڏينهن 40 کان 45 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ڪاروبار ڪري وٺندي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*