وڏو وزير سيد قائم علي شاهه عمري جي سعادت ماڻڻ کانپوءِ ڏيهه پهچي ويو

qaim-ali-shah

وڏو وزير سيد قائم علي شاهه عمري جي سعادت ماڻڻ کانپوءِ ڏيهه پهچي ويو، وڏي وزير چيو آهي ته دهشتگردن مسجد نبوي تي حملو ڪري ثابت ڪيو ته اهي حضور پاڪ صلعم جا به دشمن آهن، مسلمان تي واجد آهي ته دهشتگردن خلاف اهڙو اتحاد بڻائين ته جيئن کين لِڪَڻ جي به جاءِ نه ملي.

وڏو وزير سيد قائم علي شاهه سعودي عرب ۾ عمري جي سعادت ماڻڻ کانپوءِ واپس ڏيهه پهچي ويو.

وڏي وزير سعودي عرب ۾ دهشتگرد حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد اسلام جو ويس پائي مسلمان ملڪن تي حملي آور آهن.

هن چيو ته دهشتگردن مسجد نبوي تي حملو ڪري ثابت ڪري ڇڏيو ته اهي حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جا به دشمن آهن.

وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته سڄي دنيا جي مسلمانن تي واجب آهي ته دهشتگردن خلاف اهڙو اتحاد بڻائين ته جيئن کين لِڪَڻ جي به جاءِ نه ملي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*