سعودي عرب ۾ ڌماڪن کانپوءِ سنڌ پوليس عيد جي موقعي تي عوام کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ هنگامي منصوبو تيار

full-proof-security-in-kara

سعودي عرب ۾ ڌماڪن کانپوءِ سنڌ پوليس عيد جي موقعي تي عوام کي فول پروف سيڪيورٽي  فراهم ڪرڻ لاءِ هنگامي منصوبو تيار ڪندي ڪراچي ۾  مسجدن، امام بارگاهن ۽ عيد گاهن جي سيڪيورٽي لاءِ 11500 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو آهي، جڏهن صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال سموري صوبي ۾  سيڪيورٽي هاءِ الرٽ جا حڪم جاري ڪيا آهن.

صوبائي گهرو وزير  عيد جي رات ۽ عيد وارن ڏينهن دوران سموري صوبي ۾ سڪيورٽي هاءِ الرٽ جا حڪم جاري ڪندي جامع پلان جوڙڻ جون هدايتون ڪيون آهن.

گهرو وزير سمورن ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي سڪيورٽي پلان تي عمل درآمد ڪرڻ، عيد گاهن، امام بارگاهن ۽ عيد نماز وارن اجتماعن جي سڪيورٽي لاءِ انتظام سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

گهرو وزير حساس علائقن، عيد گاهن، امام بارگاهن ۽ مسجدن جي چوڌاري اوچتي چيڪنگ ۽ گشت وڌائڻ جي هدايت ڪندي عيد اجتماعن جي ويجهو پارڪنگ ايرياز کي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ذريعي ڪليئر ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن.

صوبائي گهرو وز     ير آءِ جي جيلز کي قيدين  جي عيد نماز ۽ سندن کاڌي پيتي جا بندوبست ڪرڻ جا به حڪم جاري ڪيا آهن.

سعودي عرب ۾ ڌماڪن کانپوءِ سنڌ پوليس عيد جي موقعي تي عوام کي فول پروف سيڪيورٽي  فراهم ڪرڻ لاءِ هنگامي منصوبو تيار ڪندي ڪراچي ۾  مسجدن، امام بارگاهن ۽ عيد گاهن جي سيڪيورٽي لاءِ 11500 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو  آهي.

آءِ جي سنڌ  اي ڊي خواجه عيد جي موقعي تي سڪيورٽي سخت ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي مسجدن، امام بارگاهن ۽ عيد گاهن جي نماز کان اڳ سوئپنگ ۽ ڪلئيرنس کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون ڪيون آهن.

آءِ جي سنڌ عيد جي ٽن ڏينهن دوران  فول پروف سڪيورٽي يقيني بڻائڻ جون هدايتون ڪندي ٽريفڪ پوليس کي ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*