امريڪا ۽ يورپي ملڪن بعد اٽلي ۾ به برفباري جو سلسلو شروع ٿي ويو
آمريڪا ۽ يورپي ملڪن بعد هاڻي اٽلي ۾ به برفباري جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جيڪو پڻ شهرين لاءِ خوشي جو سبب بڻجي ويو آهي.
اٽلي جي برندسي واري علائقي ۾ برفباري جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، برفباري سبب گرمي پد ۾ به واڌ ٿي آهي.
برفباري سبب جتي رهواسين کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن اتي ئي رهواسي برفباري جو مزو به وٺي رهيا آهن.
موسميات کاتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ گرمي پد ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.