راڻي پور ويجهو ٽرالر جي ڪار کي ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 نوجوان فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا، پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو

Ranipur-Accident

راڻي پور ويجهو ٽرالر جي ڪار کي ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 نوجوان فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا، پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

قومي شاهراهه تي سيوهڻ کان ميروخان ويندڙ ڪار کي تيز رفتار ٽرالر پوئين پاسي کان زوردار ٽڪر هنيو.

حادثي جي نتيجي ۾ ڪار سوار شهزاد ڪلهوڙو ۽ عبدالحليم ڪلهوڙو موقعي تي فوت ٿي ويا ۽  چار ڄڻا زخمي ٿيا.

زخمين ۾ سعيد ڪلهوڙو، وحيد علي ڪلهوڙو، بابر علي لاکو ۽ عاشق ڀٽي شامل آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

حادثي کانپوءِ پوليس حادثي واري هنڌ پهچي ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*