بنگلاديش جي شهر ڪشور گنج ۾ عيد الفطر جي اجتماع دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا

Bangladesh-blast-7716

بنگلاديش جي شهر ڪشور گنج ۾ عيد الفطر جي اجتماع دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا، بنگلاديش جي وزير اعظم حسينا واجد ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عبادتگاهن تي حملا ڪندڙ مسلمان نٿا ٿي سگهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، بنگلاديش جي ڪشور گنج واري شهر ۾ عيد الفطر جي اجتماع دوران زوردار ڌماڪو ٿيو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ، جڏهن ته 12 نمازي سخت زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

واقعي کانپوءِ سڪيورٽي ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، اکين ڏٺن شاهدين کان تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن.

ٻئي پاسي بنگلاديش جي وزير اعظم حسينا واجد ڌماڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته مذهبي عبادتگاهن تي حملا ڪندڙن جو اسلام سان واسطو نه آهي، جن کي سندن انجام تائين پهچايو ويندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*