رينجرز شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري زبردستي جبري فطرو ۽ چندو وٺڻ تي 75ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

Rangers-7716

ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، رينجرز شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري زبردستي جبري فطرو ۽ چندو وٺڻ تي 75ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

گلشن اقبال بلاڪ 13 ڊي واري علائقي ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ 55 ورهين جو خدابخش مارجي ويو، جنهن جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

رينجرز ترجمان موجب شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري زبردستي جبري فطرو ۽ چندو وٺڻ تي 75ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جن مان ڪجهه جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيمن سان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*