ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري هئڻ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي

karachi rain-seaview

ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري هئڻ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ عيد جا باقي ٻئي ڏينهن به موسم جهڙالي رهندي.

 گلشن اقبال، گلستان جوهر،لالو کيت، گرومندر، پي آءِ بي ڪالوني ۽ فيڊرل بي ايريا ۾ تيز برسات سبب روڊ رستا آلا ٿي ويا.

شاهراهه فيصل، نرسري، ڪينٽ اسٽيشن، دهلي ڪالوني. ڪالا پل ۽ ڊفينس ۾ به وقفي وقفي سان وسڪاري موسم کي خوشگوار بڻائي ڇڏيو.

صدر، اولڊ سٽي ايريا ۽ ايم اي جناح روڊ، برنس روڊ، آرام باغ، آءِ آءِ چندريگر روڊ، ٽاور ۽کارادر ۾ هلڪي برسات سان ماڻهن ۾ عيد جون خوشيون ٻيڻيون ڪري ڇڏيون.

ملير، ايئرپورٽ، شاهه فيصل ڪالوني، ڊرگ روڊ ۽ محمود آباد ۾ به مينهن وسڻ سبب گرميءَ جو زور ٽٽي ويو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*