ٿاڻو بولا خان ويجهو پراڻي دشمني تان جوابدارن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

thano

ٿاڻو بولا خان ويجهو پراڻي دشمني تان جوابدارن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، ڄامشوري ڀرسان چانڊيا ۽ پٺاڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ناري جي کنواري واري علائقي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ٿاڻو بولا خان جي ٿاڻو احمد خان ويجهو پراڻي دشمني تان جوابدارن فائرنگ ڪري نوجوان بچو خاصخيلي کي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش اسپتال کڻائي وئي، جتي ڊاڪٽر موجود نه هئڻ سبب مڙهه ڪيترائي ڪلاڪ پيل رهيو.

ڄامشوري جي سينڊوز روڊ واري علائقي ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان چانڊيا ۽ پٺاڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين جا 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ٻئي پاسي ناري جي کنواري واري علائقي ۾ شر ۽ ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڌرين هڪٻئي تي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو.

پوليس موجب، جهيڙي جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*