مديجي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا هڪ زخمي ٿي پيو

مديجي ۾هٿيار بندن جي فائرنگ ۾  2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي ۽ فيض گنج ڀرسان جوابدار ڀائرن پسند جو  پرڻو ڪندڙ ناري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

مديجي جي سيد پاڙي ۾ هٿيار بندن  فائرنگ ڪري نوان سليم ۽ اصغر بروهي کي قتل ڪري ڇڏيو ، فائرنگ ۾ نوجوان نديم منگي به زخمي ٿي پيو آهي.

مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاٰءِ مديجي اسپتال منتقل ڪيا ويا ۽ زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

هوڏانهن فيض گنج جي ڳوٺ سکر شر ۾ هڪ سال اڳ پسند پرڻو ڪندڙ ناري ڪنيز فاطمه کي پنهنجي ڀائرن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي بعد جوابدر فرار ٿي ويو جڏهن ته ناري جو لاش پوسٽ  مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو  آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جا 4 ڀائر آهن، جن مان هڪ کيس گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*