تحريڪ انصاف عيد الفطر جي ٽئين ڏينهن ئي حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ سيالڪوٽ ۾ پنڊال سجائي ورتو

imran-khan-

پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ سيالڪوٽ ۾ جلسو ڪري رهي آهي، عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن خلاف سندن تحريڪ جاري رهندي.

تحريڪ انصاف عيد الفطر جي ٽئين ڏينهن ئي حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ سيالڪوٽ ۾ پنڊال سجائي ورتو آهي، جنهن ۾ هزارين ڪرسيون لڳايون ويون آهن.

پي ٽي آءِ ترجمان موجب، جلسي کي تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا.

عمران خان چيو ته ڪرپشن پاڪستان جون پاڙون کوکليون ڪري ڇڏيون آهن، بدعنوانين خلاف سندن تحريڪ جاري رهندي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*