چترال کان آيل ٻوڏ جو پاڻي سنڌو درياءَ ۾ داخل ٿيڻ بعد چشما ۽ تونسا وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر

indus-river-taunsa

چترال کان آيل ٻوڏ جو پاڻي سنڌو درياءَ ۾ داخل ٿيڻ بعد چشما ۽ تونسا وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي، گڊو بئراج تي وهڪرن ۾ 50 هزار ڪيوسڪ واڌ بعد هيٺئين درجي جي ٻوڏ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سکر بئراج تي ٻيڙين ذريعي سير تي پابندي لڳائي وئي آهي.

چترال ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ آيل ٻوڏ جو پاڻي سنڌو درياهه ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب سنڌو درياهه ۾ مسلسل پاڻي وهڪرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

ڪابل درياهه ۾ نوشهره ۽ اٽڪ وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي، جڏهن ته ڪالاباغ بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 96 هزار 140 ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 88 هزار 640 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.

گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 77  هزار 249 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون 2 لک 38 هزار 982 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.

سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 63 هزار 185 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 7 هزار 435 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته پاڻي وهڪرن ۾ مسلسل واڌ سبب قلم144 لاڳو ڪئي وئي آهي.

ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 53 هزار 835 ۽ هيٺانهون 14 هزار 400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

سنڌو درياهه جي بچاءَ بندن جي مرمت نه ٿيڻ سبب وڏي پئماني تي نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، سنڌ سرڪار ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*