پنجاب جي شهر ساهيوال جي هڪ عوامي پارڪ ۾ جهولو ڪرڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 62 ماڻهو زخمي ٿي پيا

saialkot-jhola

پنجاب جي شهر ساهيوال جي هڪ عوامي پارڪ ۾ جهولو ڪرڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 62 ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ساهيوال جي ڪنعان پارڪ ۾ 15 فوٽ مٿانهون جهولو ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت  62 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي اڪثر جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جهولو ڪرڻ جا سبب معلوم نه ٿي سگهيا آهن، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*