وزيراعظم نواز شريف سڀاڻي لنڊن مان ڏيهه پهچي رهيو آهي

nawaz-londan

وزيراعظم نواز شريف سڀاڻي لنڊن مان ڏيهه پهچي رهيو آهي، نواز شريف کي ڏيهه آڻڻ لاءِ پي آءِ اي جو بوئنگ 777 جهاز مختص ڪيو ويو آهي.

پي ايم هائوس جي ترجمان موجب، ڊاڪٽرن پاران سفر ڪرڻ جي اجازت ملڻ کانپوءِ وزير اعظم نواز شريف ڏيهه ورڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پي آءِ اي ترجمان موجب، پي آءِ اي جي اڏامن ۾ سيٽس نه هئڻ سبب وزير اعظم نواز شريف ڪيمپ آفيس جي عملي لاءِ هڪ جهاز مختص ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي جو بوائنگ 77 جهاز اڄ رات وزيراعظم نواز شريف کي وٺڻ لاءِ لنڊن روانو ٿيندو ۽ سڀاڻي لنڊن مان لاهور پهچندو، جنهن جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*